تاريخ سان تعزيت

تاريخ سان تعزيت

تاريخ سان تعزيت

تاريخ سان تعزيت (ڪتاب): هي ڪتاب قومپرست اڳواڻ ۽ دانشور عبدالواحد آريسر جي وڇوڙي تي، اديبن، ليکڪن، سياستدانن ۽ سندس دوستن پاران لکيل مضمونن ۽ تاثراتن تي مشتمل آهي، جنهن کي تاج جويي ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب جو مهاڳ ‘مرڻ مون سين هلُ’ جي عنوان سان تاج جويي لکيو آهي، جڏهن ته عبدالواحد آريسر جي زندگيءَ جو احوال علي نواز آريسر لکيو آهي. هي ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي.. پهرين حصي ‘آريسر، هينئين جي ٿوڻي’ ۾ ڪالم آهن ۽ ٻئي حصي ‘زندگي، آزادي ۽ محبت جو پرچارڪ’ ۾ تاثر شامل آهن. ڊيمي سائيز رنگين ٽائيٽل، پڪي جلد سان هي ڪتاب روشني پبليڪيشن پاران 2015ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. 336 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 400 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو